بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چائنا انرجي ا??نڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سانگ ??يل??انگ ۽ پاور چائنا جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊنگ ين زانگ آن لائين ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستان جي توانائي جي شعبي بشمول قاب?? تجديد توانائي ۽ آبپاشي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت هئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسي??، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن آن لائين اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.