مظفر آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته کيس مڪمل يقين آهي ته سندس زندگي ۾ ڪشمير ڀارتي قبضي کان آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان کي عروج حاصل ٿيندو، د??يا ڪيستائين واپاري ۽ معاشي مفادن جي ڪري ظلمن کان بي خبر رهندي، بالاڪوٽ ح??لي کانپوءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو، د??يا جي ڪا طاقت ڪشميرين کي انهن جي آزادي کان محروم نه ٿي رکي سگهي، د??يا آزاد ڪشمير جي پرامن فضا ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ڀيٽ ڪري، بالاڪوٽ ح??لي ۽ ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي ڪوڙ کي د??يا بي نقاب ڪيو. هو يادگار شهداءِ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پڻ خطاب ڪيو. صدر کي ان موقعي تي يادگار جي ڀرپاسي والاريل ڪشمير جي حالتن جي عڪاسي ڪندڙ گيلري بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. صدر يادگار شهداءِ تي گل چاڙهيا ۽ ??ات??ه خواني ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان د??يا کي ڀارتي ظلمن کان آگاهه ڪريون ٿا. هي ڊگهي جدوجهد جو داستان آهي. 1846ع ۾ امرتسر معاهدي تحت 75 لک نانڪ شاهي جي عيوض ڪشميرين جو سودو ڪيو ويو. هتي ڪشميري اڄ به آزادي جي جدوجهد ۾ لڳل آهن. هن چيو ته ننڍي کنڊ ۾ ٻه قومي ن??ري?? جي بنياد تي جدا ملڪ قائم ڪرڻ جي جدوجهد کان اڳ قائداعظم سميت مسلمان اڳواڻ متحده هندستان جي حق ۾ هئا پر اتان جون حالتون ڏسڻ کانپوءِ 1930ع کانپوءِ ٻه قومي ن??ري?? جو پرچار شروع ٿيو. به قومي ن??ري?? کي هندستان اڄ به روزانو چئلينج ڪري ٿو ۽ ان جي سچائي تي پنهنجي ڪڌن قدمن سان مهر لڳائي ٿو. ڪرناٽڪ ۾ مسلمان شاگردياڻين کي حجاب لاهڻ تي مجبور ڪيو ويو. صدر چيو ته ڀارت جيڪا باهه لڳائي رهيو آهي هو پاڻ ان ۾ سڙي ويندو ۽ ان جو نشان به باقي نه رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ تيستائين اڻ مڪمل آهي جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿو ٿئي.