لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام ??باد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي منظوري ڏيندي پي سي بي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيل?? استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اها هدايت پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا سان ملاقات دوران ڏني جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايندڙ پي ايس ايل سيزن ۽ ڪرڪيٽ جي مجموعي ڍانچي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اسلام ??باد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي منظوري ڏني ۽ پي سي بي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيل?? استعمال ۾ آندا وڃن. پي سي بي چيئرمين وزيراعظم کي اسٽيڊيم جي تعم??ر 2025ع تائين مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.