لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جعلي وڊيو ۽ آڊيو جي ماسٽر آهي، مريم صفدر پنهنجي آڊيو تي قوم کان ??عافي وٺي، سڀني ڏسي ورتو ته فاشسٽ حڪمران (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪهڙي طرح ميڊيا جو گلو دٻائيندي هئي، تمام جلد پيٽروليم تي عوام کي ريليف ڏنو ويندو، جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهن ڪامياب جوان ??روگرام ذريعي 25 هزار نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ 30 ارب رپيا فراهم ڪري چڪا آهيون، موجوده حڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪري پاڪستاني مصنوعات جو مجموعي روانگي واپار 25 ارب ڊالر کان ??ڌي ويو آهي جڏهن ته آءِ ٽي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ارب ڊالر هو ۽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر کي ڪراس ڪنداسين، احساس پروگرام تحت گذريل ٻن سالن ۾ ڏيڍ لک مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون جڏهن ته هلندڙ سال 50 هزار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏينداسين. هو پهرين ڪاليج آف ڪامرس ۾ ٻي سالياني بزنس اينڊ ڪامرس ڪانفرنس کي خ??اب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو 22 ڪروڙ جو ملڪ آهي ج??هن ۾ 60 سيڪڙو آبادي ملڪ ۾ نوجوانن جي آهي، اهي اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن ۽ ا??هن تي اسان کي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي. اسان کي تعليمي ماهرن ۽ صنعتڪارن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻو آهي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن، آئيڊياز ۽ ٽيلينٽ جي کوٽ نه آهي اڄ ناليج اڪانومي جو زمانو آهي ۽ دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻو پوندو ڇو ته اسان جا چئلينجز تمام وڏا آهن، چيو وڃي ٿو ته اسان ريسرچ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪريون ??ا حقيقت ته اها آهي ته 3 هزار ارب رپيا قرضن جي قسطن جي مد ۾ ڏيڻا پون ??ا جڏهن ته 34 ارب صوبن کي ورهايا وڃن ??ا جڏهن ته اسان جي ٽيڪس اوڳاڙي 6 هزار ارب آهي ۽ اسان شروعات ئي خ??اري کان شروع ڪئي، سرڪاري ملازمن جون ??گهارون ۽ پينشن به ڏيڻيون ??ون ??يون ته وفاق وٽ ان کانپو پئسو بلڪل ئي نه ٿو بچي. هن چيو ته وزيراعظم بار بار اها ڳالهه ڪري ٿو ته اسان کي دولت پيدا ڪرڻي آهي. اسان کي اڪانومي جي سائيز وڏي ڪرڻي آهي ۽ جي ڊي پي کي به وڌائڻو آهي جڏهن ته روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي. اسان چاهيون ??ا ته ايتر?? وسيلا هجن جو عوام تي خ??چ ڪري سگهون، حڪومت جو فوڪس آهي ته اسان ??نهنجي نوجوانن تي خ??چ ڪريون ج??هن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪامياب جوان ??روگرام تحت نوجوانن کي 100 ارب رپيا فراهم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته 25 هزار نوجوانن کي پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪري چڪا آهيون جيڪي ا??هن کي 10 کان 15 سالن ۾ واپس ڪرڻا آهن. هن چيو ته اسڪل فار آل تحت اسان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي جڏهن ته هڪ لک وڌيڪ اسڪالرشپ ڏيڻيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني مصنوعات جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر کان ??ڌي ويو آهي جيڪو 30 ارب ڊالر تائين ??هچندو جڏهن ته اسان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ارب ڊالر هئي جيڪا هن سال 3 ارب ڊالر کان ??ڌي ويندي. فرخ حبيب چيو ته ڪورونا معيشت کي تباهه ڪيو، اڄ پاڪستان 10 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسي نيشن ڊوز لڳائي چڪو آهي. هن چيو ته اسان ??اسڪ به پاڻ تيار ڪري رهيا آهيون، ايڪسپورٽ به ڪري رهيا آهيون ۽ وينٽي ليٽرز به ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪورونا دوران ??زيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جا 40 سيڪڙو ماڻهو روزاني اجرت تي ڪم ڪن ??ا ت??هن ڪري لاڪ ڊائون ??اهي لڳائڻو ۽ پنهنجي معيشت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جو اينڌن ??وجوان آهن جن کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، اميد آهي ته اهي پاڪستان کي صحيح رخ ۾ وٺي ويندا. هن چيو ته احساس پروگرام تحت اهي خ??ندان جن جي آمدني 45 هزار کان گهٽ آهي پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ چاهين ??ا ا??هن جي لاءِ پورٽل کليل آهي هيستائين 2 سالن ۾ ڏيڍ لک اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون، 50 هزار هن سال ڏينداسين. هن چيو ته جيڪي نوجوان ڪامياب پاڪستان ??روگرام تحت ڪاروبار ڪرڻ چاهين ??ا ا??هن کي 5 لک رپيا بنا وياج جي فراهم ڪنداسين. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته 5 ماڻهو جعلي وڊيو جا ماهر آهن جن جي ڪا حيثيت نه آهي جڏهن ته ا??هن تسليم ڪيو ج??هن ۾ مريم صفدر ميڊيا تي پابندي هڻي رهي آهي ميڊيا جو گلو دٻايو پئي ويو، ان ??ان ??ظر اچي ٿو ته (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪيتري قدر فاشسٽ هئي، پنهنجي چوري تي پڙدو وجهڻ جي لاءِ ميڊيا تي دٻاءُ وڌو پئي ويو، ان آڊيو ٽيپ تي کيس معافي وٺڻ گهرجي، اڄ ڪهڙي م??هن سان صحافت جي آزادي جي ڳالهه ڪن ??ا. هن چيو ته (ن) ليگ چئي رهي آهي ته وڊيو جي فرانزڪ ٿيڻي آهي ان تي ايترو ئي يقين آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري ۽ رڪارڊ جو حصو بڻائي، ان سان گڏ 4 فليٽن جون رسيدون به ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سٺي ڳالهه آهي جيڪڏهن اهي برقرار رهيون ته عوام کي ريليف فراهم ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ فرخ حبيب چيو ته جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي سمورين ڌرين سان ??شاورت کانپوءِ قانونسازي جي لاءِ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.