اسل??م آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته پن??اب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي.
اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پن??اب جو هر خاندان ??ر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪري سگهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي معياري علاج غريبن کان ??يندي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چوڌري فوا?? حسين چيو ته صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته صحت ڪارڊ پروگرام پن??اب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پن??اب ۾ صحت ڪارڊز ملي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحت ڪارڊ عوام پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگهندا. سرڪاري ئي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ اسپتالُون به هاڻي عوام جي علاج لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان ??انون ٺاهي ڪابينا جي حوالي ڪيو ويو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.