اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفو?? ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 17 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سيف الله خٽڪ جي گهرڀاتين کي ٽيليفو?? ڪئي. ٻئي طرف هن سپاهي محمد فهد ۽ تنوير احمد جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي هن سال 15 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ هڪ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويا هئا. اهي ٽيليفون صدر معمول جي روايت تحت ڪيا. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر هن سال 4 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عامر اقبال جي گهرڀاتين کي پڻ ٽيليفو?? ڪئي. صدر سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم ج?? سيڪيورٽي جي لاءِ انهن جي قربانين ??ي خراج عقيدت پيش ڪيو.