اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن تي زور ڏنو آ??ي ته اهي ميدان ۾ خوداعتمادي ۽ کٽڻ جي جذبي سان لهن، محنت سان هڪ مضبوط ٽيم بڻجن، پوري قوم جون ٽيم مان اميدون واڳيل آهن. هن اها ڳالهه قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزي??اع??م هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رميز راجا شريڪ هئا، ملاقات جي شروعات قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن سان تعارف سان ٿي. وزي??اع??م رانديگرن کي ڪرڪيٽ جي حوالي سان ٽپس پن ڏنا. ان کانسواءِ وزي??اع??م رانديگرن کي پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جا تجربا شيئر ڪيا. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته الله تعاليٰ ڪاميابي جا اصول واضح ڪري رکيا آهن. حضور ﷺ دنيا جا سڀ کان ڪامياب ترين انسان آهن، انهن جو رستو اهو آ??ي جيڪو اسان پنج وقت الله کان گهرون ٿا، اهو رستو جن تي الله جو انعام ٿيو. عمران خان چيو ته ڪاميابي جو رستو سچائي ۽ ايمانداري جو رستو آ??ي. هن چيو ته انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات بڻايو آ??ي. انسان ڪوشش ۽ محنت سان پنهنجي تقدير بدلائي سگهي ٿو. وزي??اع??م چيو ته هڪ رستو عزت جو آ??ي ۽ ٻيو پئسي جو، توهان کي پئسي جي بُت کي ٽوڙڻو آ??ي. توهان کي ٽيم ۽ قوم جي لاءِ کيڏڻو آ??ي. هنچ يو ته پوري قوم جون نظرون توهان تي آهن. پوري قوم توهان کي ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿي. وزي??اع??م چيو ته توهان دنيا ۾ پاڪستان جا نمائندا ۽ سفير آهيو. توهان م ٽيلينٽ جي کوٽ نه آهي، پوري دنيا پاڪستان جي ٽيلينٽ کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته تاريخ گواهه آهي بدر جي جنگ ۾ 313 ڄڻن وڏي فوج کي شڪست ڏني ۽ رڳو 13 سالن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سلطنتن، رومين ۽ فارسين کي شڪست ڏئي ڇڏي. توهان ۾ ٽيم اسپرٽ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ميدان ۾ جڏهن لهو ته خوداعتمادي ۽ کٽڻ جي جذبي سان لهو، اها ٽيم ڪڏهن به ناهي کٽيندي جيڪا هارائڻ کان بچڻ جي لاءِ کيڏي. وزي??اع??م چيو ته آئون جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندو هئس ته اسان ڪرڪيٽ کي خراب حالتن مان ڪڍي ورلڊ ڪپ کٽيو. هن قومي ٽيم جي رانديگرن تي زور ڏنو ته توهان کي جارحاڻي انداز ۾کيڏڻو آ??ي، دفاعي نقطه نظر سان کيڏندڙ ٽيم ڪڏهن به ناهي کٽيندي. وزي??اع??م چيو ته اسان ئي ڪرڪيٽ ۾ اٽيڪنگ ٽيڪنيڪ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته هارائڻ سان انسان سکي ٿو، ڪو به ڪامياب شخص اهڙو ناهي گذريو جيڪو زندگي ۾ هارايو نه هجي. هن چيو ته ڏينهن جي مڪمل ٿيڻ تي پنهنجو محسابو ڪرڻ سان انسان پنهنجي غلطين کي سڌاريندو آ??ي، ٽيم کي اعصابي طور تي مضبوط ڪريو، دٻا5 ۾ پريشان ٿيڻ بدران پريشر مان لطف اندوز ٿيڻ سکو. وزي??اع??م چيو ته وڪيٽ وٺڻ تي ڪريو، رنسُون روڪڻ ۽ وڪيٽ وٺڻ ٻه جدا ٽيڪنيڪس آهن. هن چيو ته محنت سان هڪ مضبوط ٽيم بڻجو، پوري قوم جون توهان سان اميدون واڳيل آهن.