اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان ۽ فوج جي خلاف ٽرينڊز هلائيندڙ ۽ ان جو دفاع ڪندڙ اڄ افغانستان جي صورتحال کان اکيون ڦيرائي رهيا ??هن?? عوام تڏهن محفوظ ??وندي آهي جڏهن ادارا مضبوط هجن، اسان کي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا تسبيح ج??ڙي ترتيب ۾ اسان جي چوڌاري قلعو بڻائي بيٺل ??هن?? پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جا حڪمران ڏهاڪن تائين ملڪ کي لُٽيو، وسيلا ادارا ٺاهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو نتيجو آهي ته اڄ ان جو دفاعي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اسان کي آزادي جو قدر ۽ ملڪ جي اهميت سان روشناس رهڻ ??هرجي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان هوشيار به رهڻ ??هرجي.