اسلام آباد – پهرين جون (اي پي ??ي) تاجڪستان جو ص??ر امام علي رحمانوف، وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد ??ان گڏ اڄ اربع تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پ??چندو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد تي ويجها ڀائراڻي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ خط?? ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش تي آهن، وچ ايشيا سان ويجهي لاڳاپن ۽ تعاون ۾ اضافي لاءِ پاڪستان جي ويزن جي ڏس ۾ تاجڪستان اهيمت رکندڙ آهي.