اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آليزاده سينيٽ چيئرمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ?? فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪورونا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ??اڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آهي، هن چيو ته ??اڪستان ۽ آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.