اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان سان ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ج??اد ظريف ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايراني پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪ?? کي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعطم ڪوويڊ 19 جي ڪري ايران ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت ع??لي ۽ ٻين قدمن ??ي ڪري پاڪستان ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي.