وزيراعظم پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو

image
APP39-011222 ISLAMABAD: December 01 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif meets Chinese Ambassador to Pakistan Nong Rong to offer condolence for former Chinese President Jiyang Zemin (late). APP/MOS

اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين جي اڳوڻي صدر کي سدائين هڪ عظيم اڳواڻ طور ياد رکيو ويندو. هن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جو ڪردار اهم ۽ آفاقي حيثيت رکندڙ آهي.

مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں