وزيراعظم پاران اشرف نوابي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي والد ۽ خاندان جي ويجهي ساٿي اشرف نوابي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن چيو ته توڻي جو اشرف نوابي ڪيترائي ڏهاڪا اڳ پاڪستان ڇڏي ويو هو پر هن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته سندس ناتو ڌرتي سان قائم رهي. هن پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ اهم پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سدائين ٻن ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں