اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته م??ڊيا ??ي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين ??ان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا ??ي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا ??ي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي لفظن جي خبر شايع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا ??روپ کي وضاحت پيش ڪ??ڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين ??ينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين ??راني، پي آء?? او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن جا عملدار به م??جود هئا.