اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ??ي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته 5 ??گست 2019ع ڪشميرين جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظل?? جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 لک هٿياربند فوج ??ي موجودگ?? جي باوجود ڪشميرين جي آزاد?? جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي قانونساز اسيمبل?? جي ميمبر سحرش قمر چيو ته 5 ??گسٽ کانپوءِ ڪشمير ۾ تاريخ جو بدترين ڪرفيو آهي، 10 لک فوج معصوم ڪشميرين جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف قدم جو نوٽيس وٺي. ڀارت ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪشميرين کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورتن جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبل?? جي ميمبر رفعت عزيز چيو ته 5 ??گسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري والاريل ڪشمير کي انڊين يونين ۾ ضم ڪري ڇڏيو ان س??ن گڏ ئي پوري واديءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪشميرين تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پوري واديءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهرن جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن تي بدترين تشدد، اغوا ۽ گم ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هندوئن جي آباد?? جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ جي باوجود جاري آهي. رفعت عزيز چيو ته سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظل?? جي باوجود ڀارت آزاد?? جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي، ان دور??ن گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪشميرين ??ي مدد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.