اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پ?? پي) وزير??عظ?? بجلي ۽ گئس جي صارفين جي لاءِ غيرضروري مسئلا پيدا ڪندڙ ۽ بدعنواني ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا معيشت جي استحڪام جي لاءِ ضروري آهن، انتظامي خامين، چوري، ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن جو سڄ?? بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي ۾ سڌارن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزير??عظ?? کي توانائي جي شعبي ۾ جاري سڌاراجاتي عمل، ملڪي ضرورتن موجب بجلي جي پ??داوار، پهچ ۽ ورڇ جي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ، گئس جي شعبي ۾ سڌارن ۽ توانائي جي شعبي جي پراڻن مسئلن جي حل جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزير??عظ?? اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ت?? توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ تمام ضروري آهن. هن چيو ت?? توانائي جي شعبي ۾ موجود انتظامي خامين، چوري، ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن جو سڄ?? بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌاراجاتي حڪمت عملي تي مقرر ٽائيم لائي??ز سان عملدرآمد جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙيو وڃي.