ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان صرف امن جو حصيدار آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن ٻي جي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، امن ۽ استحڪام کانسواءِ پاڪستان جي معيشت ترقي ن??ي ڪري سگهي، پاڪستان آمريڪا ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ذميداراڻو ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊيووس ۾ عالمي ??قتصادي فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪوم?? کي ورثي ۾ بدترين معيشت ملي، معاشي استحڪام لاءِ حڪوم?? کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا جنهن جي نتيجي ۾ غير ملڪي پرڏيهي ناڻي ??ي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ روپئي جو قدر مستحڪم ٿيو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪئي.