اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??وصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمرا?? خان جي دانشمنداڻي پاليسين جي ڪ??ي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، دنيا ان جي پاليسين کي تسليم ڪيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا ۽ انٽرنيشنل فورمن ۾ پڻ وزيراعظم جي فيصلن کي پذيرائي ملي، تمام جلد عوام کي ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، وزيراعظم احتساب جي بيانيي تي اڄ به قائم آهي، بدعنوان عنصرن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي خلاف احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي دولت ڦريندڙ ۽ معيشت کي تباهه ڪري ٻاهرئين ملڪ اثاثا ٺاهيندڙ قانون جي پڪڙ ک??ن بچي نه ٿا سگهن.