ڪراچي-10 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي معيشت کي اهڙا بنياد فراهم ڪري ??هي آهي جنهن ??ان ايندڙ 5 سالن دوران پاڪستان معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻجي ويندو. 2018ع ۾ هڪ سازش تحت ملڪي معيشت جي ان سفر کي روڪيو ويو هو. موجوده حڪومت جي ڪوشش ??ان مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ٿي آهي ۽ـ عوام کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حاجي مظفر شجره جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه ۽ صوبائي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته ??ني?? ۾ اڄ مقابلو سائنس، ٽيڪنالاجي، پيداوايت ۽ وڌ کان وڌ مارڪيٽ شيئرز حاصل ڪرڻ جو آهي، جڏهن ته گارگند ڪرڻ هڪٻئي ??ان وڙهندڙ قومون تمام پوئتي رهجي وينديون. وفاقي وزير چيو ته ا??ان وقت ضايع نٿا ڪري ??گهون، وزيراعظم محمد شهباز شريف اُڏام پاڪستان پروگرام جو اعلان ڪيو آهي جيڪو پاڪستان کي پائيدار ترقي ڏيارڻ جو منصوبو آهي جنهن تحت پاڪستان جي هر علائقي جي ترقيءَ لاءِ منصوبا شروع ڪنداسين ۽ جيڪي شعبا پاڪستاني حڪومتن وٽ آهن انهن ۾ صوبائي حڪومتن ??ان گڏجي پاڪستان جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪنداسين. احسن اقبال چيو ته اڄ ??ني?? ۾ هڪٻئي جي معيشت جو مقاب??و آهي ته ڪهڙي ملڪ جي معيشت مضبوط آهي پر جنهن ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي ان ملڪ ۾ سيڙپڪار ڪيئن ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 1991ع ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو تاريخي معاهدو ڪيو هو جنهن تحت سڀني صوبن کي پاڻي طئي ٿيل حصي تحت ملي رهيو آهي.