اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي حوالي ??ان عالمي ڪانفرنس من??قد ڪرڻ ??ان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، نياڻين کي معياري ۽ هڪجهڙن تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ جامع قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف نياڻين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمان ملڪن جي تعليم واري وزيرن ??ان ملاقات جي موقعي تي انهن جي آجيان ڪندي چيو ته نياڻين جي تعليم واري پ??وگرام ۾ شرڪت تي اوهان جو ٿورائتو آهيان، هي ڪانفرنس وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته مون پنهنجي خطاب ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي ??ان پاڪستان کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي آهي. هن چيو ته 22.8 ملين ٻار اڃان تائين اسڪول کان ٻاهر آهن، جن ۾ نياڻين جي اڪثريت آهي. پاڪستان جا سمورا صوبا ۽ ٻيا علائقا ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا جي حوالي ??ان جامع ڪوششون ڪري رهيا آهن پر ڪن سببن جي بنياد تي اسڪولن ۾ نياڻين جي داخلا هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڪانفرنس ۾ اسلامي ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي ??ان گڏيل قومن جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته نياڻين جي تعليم جي هدايت ا??ان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم به ڪئي. ان تعليم جي روشني ۾ ا??ان جي حڪومت ٻين ملڪن جي تعليم وارن وزيرن ۽ لاڳاپيل ادارن ??ان پنهنجا تجربا شيئر ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته نياڻين جي تعليم جي حوالي ??ان عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ ??ان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهي اسلامي ملڪن ۾ پنهنجي خاندانن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي ??ان اهم ڪردار ادا ڪنديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ملڪن جي وزيرن ??ان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو تعارف ڪرائيندي چيو ته نائب وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ سندس پوري ٽيم ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي تعليم، خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي ??ان کنيل قدمن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ صوبن کي مدد به فراهم ڪري رهي آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي هڪ اهم موقعو آهي ته ا??ان پنهنجي لاڳاپن کي وڌائي انهن کي استحڪام ڏيون. تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مقبول صديقي ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ من??قد ڪرڻ جي حوالي وزيراعظم جي ڪردار تي پنهنجي ۽ پنهنجي پوري ٽيم کانسواءِ ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن طرفان به ٿورو مڃيو. ترڪيه جي تعليم واري وزير ڪانفرنس ڪرائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس من??قد ڪرائڻ ??ان نياڻين جي تعليم جي حوالي ??ان ناڪاري پ??وپيگنڊا جو به ازالو ٿيندو ۽ نياڻين جي مٽاسٽا جي شرح ۾ واڌ ٿيندي. ملاقات ۾ شريڪ صوماليه جي وزير پنهنجي تعليم دوران پاڪستان ۽ پاڪستان جي ترقي جي حوالي ??ان ڳالهائيندي چيو ته پوري عالم اسلام ۽ خاص ڪري صوماليه ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي ??ان مسئلا آهن. هن چيو ته ا??ان جي ملڪ ۾ به ٻارن جو وڏو انگ اسڪولن کان ٻاهر آهي، مان ٻين ملڪن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيان. هن چيو ته مسلم امت جي حوالي ??ان پاڪستان جو ڪردار ??ار??هه جوڳو آهي. ڪرغزستان جي تعليم واري وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪانفرنس ۽ ان جي ايجنڊا انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان سمورن مسلم ملڪن لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي ۽ ا??ان سڀني ملڪن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملائيشيا جي تعليم واري وزير چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم، تعليم وارو وفاقي وزير ۽ رابطا عالم اسلامي اهم ڪانفرنس ڪرڻ تي مبارڪن جا حقدار آهن. هن چيو ته هي ڪانفرنس تعليم ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. موجوده حالتن ۾ نياڻين جي تعليم وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي، هن ڪانفرنس کي وزيراعظم جي خطاب کي به ??ار??هيو. مالديپ جي تعليم واري وزير شميم علي سعيد ڳالهائيندي چيو ته مان پاڪستان ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. گمبيا جي تعليم واري وزير پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ميزباني تي ٿورو مڃيندي چيو ته هي ڪانفرنس نياڻين جي تعليم جي حوالي ??ان انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جي بندوبست ??ان تعليم جي حوالي ??ان مسلم امت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. مالديپ جي ڊاڪٽر احمد عديل اخير ڪانفرنس تي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو ته دنيا ۾ اسلام جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستان هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي ڪانفرنس به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي پ??ڪستان ۾ آجيان ڪريان ٿو، هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس کي خطاب ۾ هدفن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي ??ان ٻين ملڪن ??ان سهڪار جا خواهشمند آهيون. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سميت ٻيا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا.