لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پهرين ٽيم آهي جنهن ڏکڻ آفريقا جي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ ٽئي ميچون کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي. قوم?? ٽيم کي ٽئين ون ڊي ميچ کٽڻ ۽ ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. اها شاندار ڪامياب?? ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته صائم ايوب هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڪلاس ثابت ڪيو ۽ سينچري اسڪور ڪري ڪاميابي ?? اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم سٺي بيٽنگ ڪئي، اهڙي طرح سفيان مقيم شاندار بالنگ ڪري قوم جون دليون کٽي ورتيون. هن چيو ته سڄي سيريز ۾ پاڪستان?? ٽيم جا رانديگر پراعتماد نظر آيا ۽ هو جذبي ۽ محنت سان کيڏيا. ان ڪاميابي سبب رانديگرن جو مورال وڌندو ۽ چيمپئينز ٽرافي ٽونامينٽ ۾ به پاڪستان?? ٽيم اهڙي ئي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.