اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جو هاڪاري استعمال روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ پاڪستان ان طرف گامز?? آهي، اسان ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي واڌ، شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مواصلاتي رابطن تائين پهچ لاءِ ڪوشا?? آهيون. اهڙو اظهار هن نيشنل براڊ نيٽ ورڪ فورم 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو. ه?? چيو ته ٽيڪنالاجي جو هاڪاري استعمال روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ پاڪستان ان طرف گامز?? آهي، اسان ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي واڌ، شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مواصلاتي رابطن تائين پهچ لاءِ ڪوشا?? آهيون، هي فورم ڊجيٽل پاڪستان طرفان اسان جي عزم جو اظهار آهي. ه?? چيو ته براڊ بينڊ رابطا ڪاري، عالمي اقتصادي ڪاروباري ترقي، سماجي ترقي ۽ نَواڻ لاءِ اهميت جو گهرجائو آهي. سمورن شعبن ۾ براڊ بينڊ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ه?? چيو ته اڃا به لکين ماڻهو براڊ بين?? س??ولت کان محروم آهن، چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، ڊجيٽل سروس کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي جو ڪردار تعريف لائق آهي. ان حوالي سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ خاص اهميت جي قابل آهي.