اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن کي ساراهيندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم 15 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وز??را??ظم آپريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سپاهي عارف الرحمان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وز??را??ظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ ??هل??ار ملڪ جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن، مون سميت پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي فرض شناس آفيسرن ۽ ??هل??ارن تي فخر آهي. هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.