اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 کان 26 آڪٽوبر تائين ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پا??ستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ اهم ع??لم?? مسئلن ۽ چئلينجز تي پا??ستان جو موقف پيش ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، اقتصادي ترقي ۽ دولت مشترڪه جي برادري ۾ ع??لم?? تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ??نو. محمد اسحاق ڊار جو ڪامن ويلٿ ??زنس فورم ۾ ”ٽرانسفارمنگ اوور ورڪ فورس“ ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، هنر جي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي تي پا??ستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندو. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ٻين ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو. بيان موجب دولت مشترڪه جي 2024ع جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پا??ستان شرڪت دولت مشترڪه سان ان جي مسلسل ڳانڍاپي ۽ ننڍي پيسفڪ جزيرن جي ملڪن سان انهن جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.