اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم ??ي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جو وزيراعظم زاپاروف اڪيل بيڪ اڱ??ري ڏينهن اسلام آباد پھچي ويو. نورخان ايئر بيس تي پيٽروليم و??ري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ ٻ??ن اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊڪارپيٽ استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پاتل ٻارن معزز مھمان کي گلدستا ??يش ڪيا. ٻنھي اڳواڻن پاڻ ۾ خيرسگالي وارن جذبن جو اظھار ڪيو. ڪرغزستان جي وزيراعظم سان اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آھي جنھن ۾ معيشت ?? واپار وارا وزير، نائب پرڏيھي وزير ۽ ايس سي او لاءِ نائب رابطه ڪار پڻ شامل آھن. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪرغزستان جو سفير ۽ سفارتخاني جون ٻيون اعليٰ اختياريون پڻ موجود ھيون.