فيصل آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر رو??ينه خالد چ??و آهي ته هن وقت پاڪستان ۾95 ملين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آ??ن، انهن کي پينو فقير بڻائڻ بدران رو??گار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، گهٽ پڙهيل لکيل ڇوڪرين کي سلائي جون مشينون ڏئي رو??گار سان لڳائڻ جا قدم جاري آهن، پاڪستان اسان سڀني جو آهي، ان لاءِ سڀني کي گڏجي ان جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو، 2008ع ۾ پي پي پي اقتدار ۾ اچي ان پروگرام جي باقاعده شروعات ڪئي، صدر آصف علي زرداري کي به ان ڳالهه جو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن بسپ ۾ گهريلو عورت کي گهر جو سربراهه مقرر ڪيو ۽ هن وقت بسپ ۾ 93 لک عورتون رجسٽرڊ آهن جڏهن ته بسپ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي داخلا لاءِ بي فارم لازمي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن فيصل آباد چيمبر آ?? ڪامرس اينڊ انڊسٽري اچڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر رو??ينه خالد چيو ته جيستائين مستحقن جي حقيقي انگ جو پتو نه پوندو تيستائين ان حوالي سان منصوباسازي ناممڪن آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪو چيئرٽي پروگرام ناهي پر هي انهن ماڻهن لاءِ مددگار قدم آهي جن جي آمدني گهٽ آهي ۽ انهن جي پئسن مان گهر نٿو هلي سگهي. هن چيو ته جن گهراڻن جا خرچا آمدني کان وڌي ويندا آهن هي انهن گهراڻن لاءِ سپورٽ آهي. چيئرپرسن سينيٽر رو??ينه خالد چيو ته بسپ ۾ داخل عورتن جا ٻار جيڪڏهن تعليم حاصل ڪن ۽ انهن جي حاضري 70 سي??ڙو هجي ته کين تعليمي وظيفا ڏنا ويندا آهن جڏهن ته بينظير نشو نما پروگرام به جاري آهي. هن چيو ته هر رياست جو ڪم آهي ته هو پنهنجي غريبن جو ڀرجهلو ٿئي، ان طرح جا پروگرام پوري دنيا ۾ جاري آهن، اسان امداد حاصل ڪندڙ عورتن جي ٻارن کي اسڪولن ۾ وظيفا به ڏيندا آهيون جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن اسان جي ان پروگرام کي ساراه??و آهي، اسان ان پروگرام تحت اسڪل ٽريننگ به شروع ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ اسڪل جي گهرج آهي تنهن ڪري اسان به اسڪل ڊولپمينٽ شروع ڪري ماڻهن کي باعزت رو??گار شروع ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن گهر جو هڪ فرد به هنرمند هوندو ته هو پوري گهراڻي جي باعزت پرورش ڪري سگهندو. سينيٽر رو??ينه خالد چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اهڙي اسڪل ٽريننگ شروع ڪئي وڃي جنهن جي نه رڳو ملڪ اندر پر پرڏيهه ۾ به زبردست گهرج هجي. هن چيو ته اسان جو سسٽم بئنڪ ذريعي آهي ۽ اسان هن ڀيري هڪ نئون طريقيڪار متعارف ڪرائيندي 6 بئنڪن کي ان ۾ شامل ڪ??و آهي جڏهن ته ايزي پئسن ذريعي به عورتن کي پئسا ڏنا پيا وڃن.