نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مش??ل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن، مالياتي خساري تي ضابطو آندو آهي، مهانگائي هڪ ??نگ تي اچي وئي آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان جي ڌيان جو محور رهي آهي، اسان مش??ل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن جن اسان جي معيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري تي ضابطو آندو، پنهنجي ذخيرن کي سگهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪ ??نگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ هڪ ??هڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ج??گرافيائي معاشي ۽ عل??ئق??ئي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ نئين دور جي شروعات هوندي.