اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت گوادر بندرگاهه ت??ئي?? رسائي حاصل ڪندڙ پهريون وچ ايشيائي ملڪ هوندو. اختيارين مطابق گوادر بندرگاهه سي پيڪ جي مرڪز ۾ واقع آهي، جيڪو چين جي ??يلٽ اينڊ روڊ قدم جو هڪ حصو آهي جنهن تحت بيجنگ پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ 60 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي ??يڙپڪاري جو وعدو ڪيو آهي. ان جو مقصد پاڪستان ۾ روڊن، ريلوي، پ??ئي?? ل??ئي??ن ۽ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ ذريعي چين کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ اسلام آباد کي پنهنجي معيشت ??ي هٿي ڏيڻ ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان رپورٽ ۾ چيو آهي، ته پاڪست??ن ۽ ترڪمانستان جلد ئي ان سلسلي ۾ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت سي پيڪ تحت گوادر پورٽ ۽ ترڪمان باشي پورٽ وچ ۾ معاهدي جي مسودي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پاڪست??ن ۽ ترڪمانستان پهرين ئي مختلف گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ترڪمانستان- افغانستان- پاڪستان- ڀارت (تاپي) گئس پ??ئي?? ل??ئي??، ريلوي ٽريڪ ۽ فائيبر ڪنيڪٽوٽي شامل آهن، ته جيئن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا کي ملائي سگهجي. پاڪستان پنهنجي ??سٽريٽجڪ جيو پوليٽيڪل پوزيشن مان فائدو کڻڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي باقي دنيا سان ڳ??ڍي??دڙ هڪ اهم واپاري ۽ ٽرانزٽ حب طور پنهنجي ڪردار کي وڌائڻ جي ??ميد رکي ٿو.