اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪي?? سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ??يو آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ ??فا??ي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته وزيراعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ??يو آهي، هاڻ تائين 5 ڪي?? سامهون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ان مان ٻن مريضن کي آئسوليشن ۾ رکيو ??يو آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي انگ اکر جمع ڪي?? وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪي?? سامهون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آئسوليشن ۾ موڪليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اسان منڪي پاڪس کان محفوظ آهيون.