اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي واري روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي نو??وانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، جديد ڪرڪيٽ اسٽيڊميز جي تياري جي لاءِ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سنڌ پريميئر ليگ (ايس پي ايل) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي، تربيتي سهولتون بهتر بڻائڻ ۽ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽيلينٽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ پريميئر ليگ سنڌ جو ڪرڪيٽ ٽيلينٽ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي. هن چيو ته راندين ۽ ڪرڪيٽ ليگز منعقد ڪرڻ سان راندين جي سياحت، معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وفد ص??ر کي سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيلينٽ کي فروغ ڏيڻ، ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ ۾ ليگ جي ڪردار بابت ??ڌايو. وفد سنڌ پريميئر ليگ جي افتتاحي سيزن جي ڪاميابين بابت ??ڌايو ته نو??وان ٽيلينٽ جي تربيت جي لاءِ ڪراچي ۾ هڪ هاءِ پرفارمنس سينٽر قائم ڪيو ويندو. وفد ص??ر کي سنڌ پريميئر ليگ کي درپيش مسئلن بابت ??ڻ آگاهه ڪيو. صدر وفد کي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي حوصلا افزائي، ف??وغ جي لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مدد جي لاءِ چوندس. بعد ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي وفد ص??ر کي ايس پي ايل جي شرٽ پڻ پيش ڪئي.