اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آه?? ته موذي مرضن ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج نه ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل ب??ان موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت ملڪ جي مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2025ع بابت ايڊوائيزري موڪلي آهي جنهن موجب موذي بيم??ري?? ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج لاءِ روانو نه ٿي سگهندا. جاري ڪيل حج ايڊوائيزري موجب موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي صرف صحتمند ماڻهن کي حج لاءِ سفر جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته گڙدن، د??، ڦڦڙن ۽ ڪينسر جهڙين بيم??ري?? سميت ٻين موذي بيم??ري?? ۾ مبتلا ماڻهو ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳوره??ري?? عورتن کي حج لاءِ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. ترجمان موجب حج لاءِ گردن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمياتي انفلوئنزا ۽ پوليو ويڪسين لڳائڻ لازمي هوندي.