اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 25 ارب ڊالر جي آءِ ٽي روان??ي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي منصوبن، آءِ ٽي روان??ي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۽ ڊيجيٽائيزيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي منصوبي تي هيستائين اڳڀرائي ا??مينان جوڳي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪورين ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ان جي تعميراتي ۾ مدي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي روان??ي واپار ۾ اضافو ٿيندو، 25 ارب ڊالر جي آءِ ٽي روان??ي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته شهرين کي حڪومتي خدمتن جي لاءِ موبا??يل ايپلي ڪيشن جي ا??تعمال جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي پارڪ جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ڪورين ڪمپني آءِ ٽي پارڪ جي تڪميل جي مدي کي جون 2025ع کان گهٽ ڪري فيبروري 2025ع ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي، سي ڊي اي جون ٽيمون ڪم جي نگراني جي لاءِ باقاعدگي سان سائيٽ جو دورو ڪري رهيون آهن. اجلاس کي ڊيجيٽل سمارٽ سٽيز جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد مان ڊيجيٽل سمارٽ سٽيز جو پائليٽ پراجيڪٽ جاري ڪيو پيو وڃي، شهرين کي ا??لام آباد سٽي سپر ايپلي ڪيشن جي ذريعي 150 سروسز جي آسان پهچ هوندي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته موبا??يل ايپلي ڪيشن جي ذريعي حڪومتي ۽ انتظامي خدمتن بشمول ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي، اسلام آباد پوليس، صحت ۽ تعليم جون سروسز ميسر هونديون. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي گذريل 5 مهينن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ آءِ ٽي روان??ي واپار ۾ 30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل 5 مهينن ۾ ٽي لک شاگرد آءِ ٽي ا??ڪلز جي پروگرامز ۾ تربيت جي لاءِ ر??سٽ??ڊ ٿيا، 4 نوان انڪيوبيشن سينٽر جاري ڪيا ويا. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري موبا??يل فونز جي تياري ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ موبا??يل استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ 8 لک جو اضافو ٿيو. وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي آءِ ٽي روان??ي واپار کي 25 ارب ڊالر تي پهچائڻ جي لاءِ آءِ ٽي شعبي سان لاڳاپيل سمورا ادارا گڏجي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سان آءِ ٽي روان??ي واپار ۾ مرحليوار اضافي تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي شعبي ۾ 77 ملين ڊالر جي حڪومتي سيڙپڪاري سان آءِ ٽي روان??ي واپار ۾ 2.5 ارب ڊالر جي ا??افي جي اُميد آهي، ملڪي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن سان 10 ارب ڊالر، ٽيلي ڪام شعبي سان 2 ارب جڏهن ته حڪومتي قدمن سان آءِ ٽي روان??ي واپار ۾ 13 ارب ڊالر جي پرڏيهي ناڻي جي اُميد آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جي سمورين خدمتن بشمول مالياتي، صحت، زراعت، تعليم، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون خدمتون موبا??يل ايپلي ڪيشن جي ذريعي شهرين تائين پهچ جي لاءِ منصوبو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.