اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) مسجد نبوي جو امام الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. مذهبي معا??لن واري ??زارت جي ترجمان موجب مذهبي معا??لن واري ??زير چوڌري سالڪ حسين، سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ سيڪريٽري ??ذهبي معاملا ذوالفقار حيدر سندس هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز جي امامت ڪندو. پاڪستان ۾ ترسڻ دوران ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عالمن سان ملاقات به شيڊول جو حصو ??هي.