اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممل??ت آصف علي زرداري چيو آهي ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل ??ي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. اسان قائداعظم محمد علي جناح جي ??قل??تن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ لاءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم رهڻ جو عزم ورجايون ٿا. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت ??قل??تن جي ڏهاڙي 11 آگسٽ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ??قل??تن جي ڪردار جي مڃتا طور ??قل??تن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ??قل??تن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ جي لاءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم رهڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ??قل??تن کي ملڪي آئين ۾ ضمانت طور ڏنل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. اسان جو مذهب اسلام ??قل??تن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور تي تسليم ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي سرهائي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ ??قل??تن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي با اختيار بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اسان سرڪاري نوڪرين ۾ ??قل??تن لاءِ پنج سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پڻ ??قل??تي برادري جي لاءِ سيٽون رکيون ويون آهن. اهڙي ريت غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مالي سهائتا ۽ شادين لاءِ گرانٽس پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. صدر وڌيڪ چيو ته ??قل??تي برادرين جي شاگردن کي تعليمي وظيفا، عبادتگاهن جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ فنڊن ??ي فراهمي لاء?? قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان پنهنجي ??قل??تن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل ??ي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي، معاشري جا سمورا طبقا جن ۾ مذهبي اسڪالرز، ??قل??تي نمائندا ۽ ميڊيا شامل آهن، ماڻهن کي ??قل??تن جي حقن جي باري آگاهي ڏين. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط ملڪ بنائڻ لاءِ بين المذاهبي هم آهنگي، محبت، رواداري، ڀائپي ۽ اتحاد جي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ??قل??تن جي حقن جي تحفظ ۽ کين زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪندو. صدر ممل??ت آصف علي زرداري ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جون ??قل??تون ملڪي ترقي لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.