اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سح??ق ڊار عمان ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آهي ته هو عماني عملدارن ۽ مس??ط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي. پرڏيهي وزارت پاران مس??ط، عمان ۾ دهشتگرد حملي جي تازه ت??ين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سح??ق ڊار عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ??هي. پرڏيهي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشتگرد حملي ۽ مس??مانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي ??هي. نائب وزيراعظم عمان ۾ پاڪستان جي سفير عمران علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي ??هي. سفير عمران علي نائب وزيراعظم کي مس??ط ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي گذ??يل رات جي حملي بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سفير کي هدايت ڪئي ته هو عماني عمدارن ۽ مس??ط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪري. هن هدايت ڪئي ته عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ڀلائي جو پڻ خيال رکيو وڃي.