اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت ٻين دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪ ??وج ۽ خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي جوا??ن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن ??ان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوا??ن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ ??وج جي سپاهي محمد ادريس، سپاهي بادام گل، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جي سب انسپيڪٽر تاج مير شاهه ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهيدن ??ي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ سرزمين جي بهادر فرزندن ??هشتگردن کي ماريندي پنهنجي جان ملڪ جي مٽيءَ تي نڇاور ڪئي، پوري قوم شهيدن ??ي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.