راولپنڊي-10 جون(اي پي پي) لڪي مروت ضلعي ۾ بارودي سنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائيڪ محمد انور، لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نماز بنون ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙه?? اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آه?? ته پاڪستان ج?? سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آه?? ۽ اسان ج?? بهادر شهيدن ج??ن اهي قربانيون اسان ج?? عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون.