اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جو احتساب ڪرڻ جي مطالبي جو ??رجاءُ ڪندي چيو آهي ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران ڀارتي فورسز جي حراست ۾ هيستائين 7 هزار کان وڌيڪ ??شم??ري شهيد ٿي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ والاريل ??شم??ر جي ضلعي پلوامه ۾ پوليس اسٽيشن ۾ هڪ ??شم??ري شهري جي مارجڻ جي واقعي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو ??هريون واقعو نه آهي ڇو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران والاريل ??شم??ر ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين جو انگ 7000 کان وڌي ويو آهي. هن گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??شم??ري عوام جي مسلسل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو ??رجاءُ ڪندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 182 ميمبرن جي وڏي حمايت سان 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جي چونڊ کي اجاگر ڪيو. هن ميمبر خاص طور تي ايشيا پيسفڪ گروپ جي اعتماد تي انهن جا ٿورا مڃيا. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان سلام??ي ڪائونسل ۾ تڪرارن جي پرامن حل، هڪطرفي طاقت جي استعمال جي مخالفت، هر قسم جي دهشتگردي جو ??قابلو، گڏيل قومن جي امن ڪوششن جي حمايت، علائقائي ۽ عالمي بحرانن جي حل ۽ جمهوريت، شفافيت ۽ احتساب کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان فلسطيني پناهگيرن کي پناهه ڏيندڙ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ اسڪول تي اسرائيلي فورسز جي خوفائتي بمباري جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻار مارجي ويا. اهو حملو گذريل هفتي آءِ ڊي پي ڪئمپ سميت شهرين جي خلاف حملن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو ڏوهه آهي جنهن جي نتيجي ۾ 45 فلسطيني شهيد ٿيا. شهري آبادي ۽ ٺڪاڻن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو. هن مسجد اقصيٰ جي احاطي تي سوين اسرائيلي انتهاپسندن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اها قابض عملدارن جي ذميواري اهي ته اهي مذهبي جاين جو احترام ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اسان شهرين جي قتل عام جي خلاف فوري ۽ غيرمشروط جنگ بندي جي پنهنجي مطالبي جو ??رجاءُ ڪريون ٿا ۽ اسرائيل کي ان جي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيون ٿا. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه جي صورتحال تي پرڏيهي وزيرن جي ڊي ايٽ ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ استنبول جو ??ڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. ڊي ايڪٽ جا پرڏيهي وزير فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه جي عوام تي غيرانساني ۽ بنا جواز جنگ جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل ذميواري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. نائب وزيراعظم غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ غيرمشروط جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت تي پاڪستان جو ??وقف پيش ڪندو. ترجمان اسلام آباد ۾ تيونس جي سفير بورهين الڪامل جي ڊگهي بيماري جي ڪري لاڏاڻي بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو ۽ سوڳوار خاندان سان تيونس جي حڪومت سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي جاري 5 ڏينهن جي دوري جي حوالي سان هن چيو ته وزيراعظم لي ??ي ڪيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ ٻنهي ڌرين ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، صنعت، توانائي، زراعت، ميڊيا، صحت، پاڻي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ 23 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ڳالهين دوران ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مسئلن جي لاءِ اڻٿڪ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي ۽ جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين سي پيڪ کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن ۽ دشمنن کان بچائڻ جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن ۽ منصوبن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن قدمن جي خاطري ڪرائي.