اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سا?? گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ان موقعي تي نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ?? بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سا?? اتحادي پارٽين سا?? گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ مالي سا?? 25 – 2024ع جي وفاقي بجيٽ تي پڻ مشاورت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي بجيٽ جي حوالي سا?? تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم متحده قومي موومينٽ پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪئي.