اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا سان ڪا??وب??ري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هرزيگوينا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳا??هائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چيو ته بوسنيا هرزيگوينا سان پاڪستان جا اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳا??هه جاري رکڻ گهرجي. سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ان ڳا??هه تي روشني وڌي ته بوسنيا هرزيگوينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪس??ان?? ڪا??وب??ر جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي جي جنگ دوران بوسنيا هرزيگوينا جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت ??وسنيا هرزيگوينا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پاڪستان بوسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي سان جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1995ع جي سريبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بوسنيا هرزيگوينا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي.