بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آزاد ڪش??ير بابت ڀارتي اڳواڻن جا اشتعال انگيز بيان ۽ بنا جواز دعويٰ علائقائي امن جي لا??ِ سنگين خطرو آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي لا??ِ ڪوششون ۽ ڪشميري عوام کي منظم طريقي سان انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گيمبيا جي شهر بنجول ۾ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪش??ير بابت او آءِ سي رابطا گروپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ماحول ۽ علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو. او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل سياسي معاملن ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪش??ير بابت خصوصي ايلچي يوسف الدوبي جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجير ۽ آذربائيجان جا نمائندا شريڪ ٿيا. ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن جو وفد ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ پاڪستاني ??فد جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي هن رابطا گروپ کي ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي لا??ِ ڀارت جي جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته ڀارت م??ظم طريقي سان ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي عملدار اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لا??ِ ڀارت جي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ خوف هراس جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها آزاد ڪش??ير بابت ڀارتي اڳواڻن جي اشتعال انگيز بيانن ۽ بنا جواز دعوائن جو نوٽيس وٺي جيڪي علائقائي امن جي لا??ِ سنگين خطرو آهن. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڀارت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪالعدم سياسي پارٽين تان پابنديون هٽائي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرقي قدمن ۽ ان کانپوءِ جي قدمن جن جو مقصد آبادياتي تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ آهي، کي رد ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ??ري. بيان موجب مختلف ميمبر ملڪن جي وفدن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل موجب ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ جائز جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو.