اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي ”هولي“ جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ف??ر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن، ثقافتن ۽ زب??نن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسا?? سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪري??ن. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هولي جي خوشي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي رنگن جي ڏڻ ”هولي“ جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان کي ف??ر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن ۽ ثقافتن ۽ زب??نن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسا?? سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪري??ن. ??زيراعظم چيو ته آئون دعا ڪريان ٿو ته بهار جي موسم جو اچڻ اسا?? سڀني جي لاءِ نئين شروعات، اميد ۽ خوشي جو پيغام ثابت ٿئي.