اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ک??ڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز م??اف??ي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ??ابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نئين چونڊيل وفاقي ??ابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ نئين چونڊيل حڪومت جو روڊ ميپ واضح ڪيو. وزيراعظم نئين چونڊيل ڪابينا ميمبرن کي مبارڪباد ڏن?? ۽ ??نه?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ک??ڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا صوبائي حڪومتن سان گڏجي ک??ڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. هن چيو ته ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرضروري اضافي ۽ ناجائز م??اف??ي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ??ابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي ڪيل?? ۽ ??صر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي هڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها پابندي رمضان المبارڪ جي مهيني دوران ڪيل?? ۽ ??صر جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هنئي وئي آهي. وفاقي ??ابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نيدرلينڊ جي شهري محمد اورنگزيب جي پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ??ابينا منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سفارش تي ميجر جنرل عبدالمعيد هلال امتياز ملٽري جي بطور ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس مقرر جي منظوري ڏئي ڇڏي.