تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اقتصادي تعاو?? تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري ??نرل خسرو نوزيري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي سيڪريٽري ??نرل خسرو نوزيري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ تنظيم جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ وچ اوڀر جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. سيڪريٽري ??نرل اي سي او جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي سي او سيڪريٽريٽ جي عزم جو يقين ڏياريو.