اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ??و دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو. دوري دوران نگران وزيراعظم چين ??ي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي ٽئين فورم ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، چيني ۽ روسي صدرن، چين ??ي وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي عهديدارن ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ سيڙپڪ??ري جي فروغ جي لاءِ چيني ڪاروباري ش??صي??ن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم چين ??ي شهر ارومچي جو دورو ڪيو جتي هن ارومچي جي سياسي قيادت، ڪاروباري ش??صي??ن ۽ ارومچي ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ڪئي.