بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ پاران عالمي اڳ??اڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳ??اڻن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ هال آف پيپلز پهتو جتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال آف پيپلز ۾ منعقد ا?? آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان?? پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳ??اڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳ??اڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.