اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي جارحيت کان متاثر غزه جي ماڻهن جي لاءِ امداد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب غزه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌنڌ اسرائيلي جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي غزه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي انساني امداد ج?? فوري ضرورت آهي. بيان موجب غزه ۾ ٿيندڙ انساني الميي جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد غزه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? حڪومت فلسطيني هلال احمر سوسائٽي، گڏيل قو??ن جي لاڳاپيل ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ ??ي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.