باڪو – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) آذربائيجان ??قتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس جي اڄ اڱاري ڏينهن ميزباني ڪندو، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اجلاس ۾ پاڪستان ??ي نمائندگي ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آذربائيجان ??ي شهر شوشا ۾ ٿيندو. آذربائيجان ??و پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان ??ميت اي سي او جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ?? شرڪت ڪندا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ?? شرڪت جي لاءِ 9 کان 10 آڪٽوبر تائين آذربائيجان ??و سرڪاري دورو ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم) کي خطاب ڪندو ۽ تقريب جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. وزارتي ڪائونسل اي سي او جي پاليسي سازي فورم طور تي تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان ??ي منظوري ڏي ٿي. 27 هين سي او ايم ۾ ميمبر ملڪ واپاري ۽ اقتصادي تعاون تنظيم ۽ سماجي، ثقافتي، فني ۽ سائنسي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ذريعي اي سي او خطي جي پائيدار اقتصادي ترقي جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال جي تقريب جو مو??وع ”گرين ٽرانزيشن ۽ انٽر ڪنيڪٽيويٽي“ هوندو.