اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت ??ان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ??نهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي ??اءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جو چيئرمين ۽ ميمبر پارليامينٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جي چيئرپرسن ناز شاهه ۽ ڪشمير بابت آل پارٽي پارلياماني گروپ (اي پي پي جي) جو وائيس چيئرمين سام ٽيري شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير مظلوم ڪشميري عوام جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي ساراهيو. هن وفد تي زور ڏن?? ته اهي ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي ??اءِ ڪوششون وڌائين. هن والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي ??وري ضرورت ??ي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ڀارت ڄم??ن ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد ڪري. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي ??چ ۾ دوستي جي تعلق کي مضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وفد جي ??يمبرن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.