اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر نا??ي بن حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر به موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نگران وزيراعظم چي?? ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ڏورانهن جلائقن جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جي اولين ترج??ح آهي ته پٺتي پيل علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. نگران وزيراعظم چي?? ته عالمي بئنڪ 2022ع جي شديد ترين ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، متاثر علائقن ۾ جاري بحالي جي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن انتظامي مدد فراهم ڪندي. نا??ي بن حسين وزيراعظم کي عالمي بئنڪ ??ي بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين ??ي بحالي جي ڪمن ۽ جنيوا ۾ عالمي بئنڪ پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي رقم جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو.